سنڌي شاعري

سنڌي شاعري

سنڌي شاعري

سنڌي شاعري (ڪتاب): هن ڪتاب جو مترجم سنڌيءَ جو ناليوارو شاعر نياز همايوني آهي. ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قديم ۽ جديد شاعرن جي شاعريءَ جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست، سامي چئنراءِ، استاد بخاري، نياز همايوني سميت ناميارن شاعرن جا 115 اسم شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب جو ناشر ناميارو اديب غلام رباني آگرو آهي، جڏهن ته پيش لفظ، نياز همايونيءَ خود لکيا آهن.
ڪچي جلد ۾ ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران سيپٽمبر 1987ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. 259 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 60 روپيا آهي.


لفظ سنڌي شاعريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو